ديوان فدوي

ديوان فدوي (ڪتاب): ديوان فدوي ٺٽي جي نامور سيد گهراڻي رضوي سادات جي فرد سيد امام بخش شاهه رضوي ’فدوي‘ جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. سيد امام بخش فدويءَ جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ جو پتو نٿو پوي. فدويءَ پنهنجي دؤر جو نه صرف پرگُو شاعر هو، پر پنهنجي دؤر جي سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي شاعرن مان به هو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري ڪتاب ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ۾ لکي ٿو ته، ”فدوي ٺٽي جو پهريون شاعر آهي، جنهن ڄاڻي واڻي سنڌي شاعريءَ ڏانهن وک وڌائي ۽ سنڌي غزل کي سهڻي ۽ منفرد نموني پيش ڪيو. هن جي غزلن ۾ ڪٿي ڪٿي پارسي لفظن جو به استعمال آهي، پر تنهن هوندي به سندس غزلن ۾ مٺاس آهي.“ سندس ديوان رديفن مطابق الف ب ترتيبوار رکيل آهي. سندس ديوان ۾ غزلن کان سواءِ ڪيتريون ئي قطعه تاريخون، منظوم خط ۽ نظم پڻ ملن ٿا. سندس ديوان قلمي صورت ۾ ٺٽي ۾ سندس اولاد وٽ محفوظ آهي، جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آهي.


لفظ ديوان فدويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو